مودي جو برطانيا کان خالصتان جي حمايت ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو مطالبو

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي برطانيا کان خالصتان جي حمايت ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي برطانوي هم منصب رشي سونڪ سان فون تي رابطو ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي وزيراعظم لنڊن ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ ڀارتي جهنڊو لاهڻ ۽ خالصتان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ واري معاملي تي ڳالهايو.

نريندر مودي برطانوي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته ڀارت مخالف عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

Read Previous

پوجا هيگڙي سلمان خان سان ملاقات جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Read Next

واٽس ايپ اضافي سيڪيورٽي فيچرز جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular