فوجي قيادت عوامي سهڪار سان آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته فوجي قيادت عوامي سهڪار سان پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ 257هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس پاڪستان کي درپيش ٻاهرين ۽ اندروني سيڪيورٽي چئلينجز سميت ملڪي ۽ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوجي قيادت چئلينجز کان پوري طرح باخبر آهي ۽ پاڪستان جي عوام جي حمايت سان پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

فورم اندروني ۽ بيروني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوج جي ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو.

ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز اولهندي سرحد سان لڳندڙ علائقن ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪري رهي آهي، دهشتگردي جي لعنت کي مستقل بنيادن تي ختم ڪرڻ لاءِ پوري قوم ۽ حڪومت کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس قومي سلامتي ڪائونسل (اين ايس سي) پاران دهشتگردي خلاف مهم ۾ قومي قوت جي سمورن عنصرن جي گڏيل اپليڪشن ذريعي حاصل ڪيل مقصدن جي حاصلات تي يقين ڏياريو.

Read Previous

آءِ ايم ايف وٽ هاڻي ڊيل نه ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي: شهباز شريف

Read Next

ايشيا ڪپ کي هنڌ کي فائنل ڪرڻ لاءِ ٻين ٽيمن جي جواب جو انتظار آهي، جئي شاه

Most Popular