آءِ ايم ايف وٽ هاڻي ڊيل نه ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي: شهباز شريف

Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addressing during the visit of under construction Imamia Colony Railway Crossing Flyover, Shahdara. Lahore, 15th of April, 2023.

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪيون ويون آهن، هاڻي آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي.

لاهور ۾ شاهددرا فلائي اوور منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته حڪومت کي ئي آءِ ايم ايف ٽٽل معاهدو مليو هو، جنهن ڪري اڄ تائين لائينون لڳرايون پيون وڃن.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ آخري شرط دوست ملڪن کان چند ارب ڊالر آڻڻ هو، چين ٻه مهينا اڳ اندازو لڳايو هو ته پاڪستان مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان 2 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ ناڻي واري وزير سان گڏ آرمي چيف به دوست ملڪن کان قرض جي شرط کي پورو ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

شهباز شريف چيو ته 2018ع ۾ جهرلو چونڊون ٿيون، ماڻهو ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ چاهيو پئي پر وجهي ڪنهن ٻئي هنڌ ويا.

2018ع ۾ جڏهن ته ڳوٺن ۾ نتيجا فوري اچي رهيا هئا ۽ شهرن ۾ نتيجا اچڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي ويا، جعلي اليڪشن پاڪستان جي 220 ملين ماڻهن جي ترقياتي رٿائن کي لٽيو.

هن جو چوڻ آهي ته 2018ع کانپوءِ ڊي پي او ۽ ڊي سي جون بوليون لڳيون، منهنجي دور ۾ ڪنهن سوچيو به نه هو ته ڊي پي او جي آفيس لاءِ ٻوليون لڳيون.

شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ 2018ع ۾ 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي.

Read Previous

ٺٽي ويجهو ڪينجهر ڪناري تي ڏاڏا آدم گندرو جي والد جي پهرين ورسي تقريب

Read Next

فوجي قيادت عوامي سهڪار سان آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

Most Popular