ڪپتان بابر اعظم ۽ پاڪستاني ٽيم بابت سلمان بٽ جي راءِ سامهون اچي وئي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اوپننگ بيٽسمين سلمان بٽ ڪپتان بابر اعظم ۽ ٽيم بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.

سلمان بٽ چيو آهي ته بابر اعظم جي ڪپتاني اسٽيٽس ڪص ناهي، ائين چوڻ سياسي جملو آهي، بابر ۽ رضوان عالمي نمبر ون ۽ ٽو آهن.

هن چيو ته بابر ۽ رضوان ٽيم کي ڪيتريون ئي ميچون کٽرايون آهن، جيڪڏهن ٻئي ڪڏهن به اسڪور نه ڪندا ته کين سپورٽ ڪرڻي پوندي ۽ ريڊ لائن ناهي ڏيکارڻي.

سلمان بٽ چيو ته اسٽرائڪ ريٽ بدران ڪاميابي ۽ نتيجن کي ڏسڻ گهرجي، صائم ايوب گهٽ نمبرن تي سٺو کيڏندو آهي، هو ڪنٽرولڊ بيٽنگ ڪندو آهي ۽ شاٽ جتي لڳندو آهي اتي وڃي بيهندو آهي.

سلمان بٽ اهو به چيو آهي ته فخر زمان پهرين 6 اوورن کانپوءِ بهتر اسٽرائڪ ريٽ سان کيڏندو آهي، فخر ۽ صائم ايوب جهڙا رانديگر ٽيم ۾ لازمي آهن.

Read Previous

پنجاب جي عوام کان اسان جي حمايت جو بدلو ورتو ويو : شهباز شريف

Read Next

منهنجي اننگز جو پسنديده لمحو آخري اوور هو: بابر اعظم

Most Popular