منهنجي اننگز جو پسنديده لمحو آخري اوور هو: بابر اعظم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته منهنجي اننگز جو پسنديده لمحو آخري اوور هو.

آل رائونڊر عماد وسيم سان ڳالهائيندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته منهنجي ذهنيت هميشه مثبت رهي آهي، پنهنجي راند کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ٽيم جي ضرورتن مطابق کيڏندو آهيان.

هن چيو ته پهرئين 10 اوورن ۾ اسان تمام سٺي پوزيشن ۾ هئاسين، لڳاتار وڪيٽون ڪرڻ سان مون کي پاڻ کي ڪجهه پوئتي رکڻو پيو، پوءِ مون هڪ اوور ڪيو جنهن مون کي رفتار ڏني.

بابر اعظم جو چوڻ آهي ته محمد رضوان سان بيٽنگ دوران اعتماد وارو محسوس ڪندو آهيان، اسان ٻنهي ۾ مثبت ڪميونيڪيشن آهي، پلان موجب هلون ٿا، ڪوشش ڪريون ٿا ته جيڪڏهن ڪو آئوٽ ٿئي ته ٻيو ميچ کي پڄاڻيءَ تائين پهچائي.

قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته هڪ بيٽسمين جي حيثيت سان توهان کي خبر آهي ته توهان ڪٿي ڪمزور آهيو ۽ توهان ڪٿي بهتري آڻي سگهو ٿا، پريڪٽس ڪري توهان انهن شين کي بهتر بڻائي سگهو ٿا جنهن جو فائدو آهي.

Read Previous

ڪپتان بابر اعظم ۽ پاڪستاني ٽيم بابت سلمان بٽ جي راءِ سامهون اچي وئي

Read Next

نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ نئين ٽرف وڇائڻ جو ڪم شروع

Most Popular