ڪنهن به شخص يا ملڪ لاءِ لابنگ ناهيان ڪندو، زلمي خليل زاد

اڳوڻي آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد چيو آهي ته هو ڪنهن شخص يا ملڪ لاءِ لابنگ ناهي ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن جو ايجنٽ آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ زلمي خليل زاد چيو ته مان پاڪستان جي مسٽر 10 پرسنٽ کي جواب ڏئي رهيو آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته مان پاڪستان ۾ بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو شدت اختيار ڪري رهيو آهي، تجويز ڏيان ٿو ته ان صورتحال ۾ ڇا ڪيو وڃي.

اڳوڻي آمريڪي سفير جو چوڻ هو ته عام ماڻهن وٽ پرڏيهه ۾ پنهنجا گهر ناهن جنهن ڪري اهي ڀڄي سگهن.

واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حامد مير کي خصوصي انٽرويو ۾ چيو هو ته زلمي خليل زاد پگهاردار ماڻهو آهي.

آصف زرداري چيو ته زلمي خليل زاد سان ڪنهن لابي رابطو ڪيو هوندو، پوءِ هو عمران خان جي حمايت ڪري رهيو آهي.

Read Previous

شهريار منور جي وائرل ٿيندڙ تڪراري وڊيو تي عمران اشرف جو رد عمل

Read Next

موري ۾ مهراڻ انجنيئرنگ فورم جو پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۽ سرداري نظام خلاف احتجاج

Most Popular