شهريار منور جي وائرل ٿيندڙ تڪراري وڊيو تي عمران اشرف جو رد عمل

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار عمران اشرف گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ساٿي اداڪار شهريار منور جي هڪ وڊيو تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.

شهريار منور هن تڪراري وائرل وڊيو ڪلپ ۾ ڊائريڪٽر سان بدتميزي ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

هن وڊيو ڪلپ ۾ اداڪار کي هدايتڪار تي رڙيون ڪندي ۽ سندس هٿ مان اسڪرپٽ کسي هيٺ اڇلائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

هن وڊيو ڪلپ جي وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ته اها وڊيو ڪلپ ۾ سنگين ويڙهه آهي يا اهو پبلسٽي اسٽنٽ آهي.

ٻين سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کان علاوه اداڪار عمران اشرف به سوشل ميڊيا پيج تي وائرل ٿيل ان وڊيو ڪلپ بابت ڪمينٽ سيڪشن ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته جيترو مان انهن ٻنهي کي سڃاڻان ٿو، شهريار منور ۽ سهيل اهڙو ڪم نٿا ڪري سگهن.

Read Previous

ڪنگنا رناوت ۽ ڪرن جوهر تڪرار نئون رخ اختيار ڪري ورتو

Read Next

ڪنهن به شخص يا ملڪ لاءِ لابنگ ناهيان ڪندو، زلمي خليل زاد

Most Popular