آرمي چيف دوست ملڪن کان فنانسنگ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، وزيراعظم

شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو آخري شرط دوست ملڪن کان فنانسنگ هو، آرمي چيف جون ان حوالي سان ڀرپور ڪوششون بيان ڪري نٿيون سگهجن.

پي ٽي ايم ۽ اتحادي پارٽين جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت کي هڪ سال ٿي ويو آهي، عام تاثر هو ته اتحاد گهڻو وقت نه هلي سگهندو.

هن چيو ته اتحادي پارٽين جي حڪومت هڪ سال کان بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته اتحادين ۾ اختلاف راءِ آهي، سمورن اتحادين هميشه مشاورت ۾ بهتر ڪردار ادا ڪيو، اتحادين جي ڀرپور سهڪار کانسواءِ حڪومت ڪامياب نٿي ٿي سگهي، ڪڏهن اسان اتفاق ڪندا آهيون ته ڪڏهن قائل ڪندا آهيون، اهو ئي جمهوريت جو حسن آهي، اتحادين ڏکئي وقت ۾ به دل ۽ جان سان تعاون ڪيو آهي.

وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جو معاملو آخري مرحلي ۾ آهي، آخري شرط هو ته دوست ملڪ گارنٽر طور رقم جمع ڪرائين، ان حوالي سان آرمي چيف وڏيون ڪوششون ڪيون جنهن جي هو وضاحت نٿو ڪري سگهي.

شهباز شريف دعا ڪئي ته آءِ ايم ايف وارو معاملو جلد حل ٿئي، جڏهن ته هن اهو به چيو ته ٻيڙي کي وچ سمنڊ ۾ نه ڇڏينداسين پر لنگر انداز ڪنداسين، جنهن کانپوءِ ملڪي مسئلا گهٽ ٿيندا.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته 27 اپريل تي چيني هم منصب سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

Read Previous

سنڌ جي داخلي رستن جي 40 ٽول پلازه تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جي منظوري

Read Next

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اتحادي پارٽين جو مخالف ڌر سان ڳالهين تي زور

Most Popular