اوهان منهنجي لاءِ چاچا ناهيو! بوم بوم آهيو: شاهد آفريدي جو افتخار احمد لاءِ پيغام

اڳوڻي چيف سليڪٽر ۽ ڪپتان شاهد آفريدي نيوزيلينڊ خلاف جارحاڻي اننگز کيڏڻ تي مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد جي ڀرپور تعريف ڪئي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي لکيو ته افتخار احمد اوهان مون لاءِ چاچا ناهيو، توهان بوم بوم آهيو پر مان چاهيان ٿو ته توهان ميچ ختم ڪري يادگار اننگز بڻايو ها.

هن لکيو ته مجموعي طور تي ٻنهي ٽيمن شاندار ڪرڪيٽ کيڏي، ڪرڪيٽ جا مداح تمام گهڻو لطف اندوز ٿيا.

نيوزيلينڊ خلاف سيريز جي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ميزبان پاڪستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 4 رنسن تان شڪست ٿي هئي.

Read Previous

چين اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٽياڪڙيءَ جي آڇ ڪري ڇڏي

Read Next

اداڪار ماڻهن جي تنقيد جو سڀ کان آسان هدف هجن ٿا: ماهره خان

Most Popular