چين اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٽياڪڙيءَ جي آڇ ڪري ڇڏي

بيجنگ: چين سالن کان جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن ڳالهين ۾ ثالثي يا سهولت ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي پرڏيهي وزير چن گينگ چيو آهي ته هو اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ امن ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ مدد لاءِ تيار آهن.

ياد رهي ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن ڳالهيون 2014 کان رولڙي جو شڪار آهن، تازو بيت المقدس تي اسرائيلي چڙهاين کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي.

چين جي پرڏيهي وزير ڪين گنگ پنهنجي اسرائيلي ۽ فلسطيني هم منصب سان الڳ الڳ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ چيو آهي ته سندس ملڪ امن ڳالهين ۾ ثالثي يا سهولت لاءِ تيار آهي.

Read Previous

پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز ناهن مليا: اليڪشن ڪميشن جي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع

Read Next

اوهان منهنجي لاءِ چاچا ناهيو! بوم بوم آهيو: شاهد آفريدي جو افتخار احمد لاءِ پيغام

Most Popular