سياسي پارٽيون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت ساڻن گڏ آهي: سپريم ڪورٽ

جسٽس منيب اختر

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت انهن سان گڏ آهي، سياسي پارٽيون هڪ موقف تي اچن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي، سياسي ڳالهين تي اتفاق ٿيو ته ٺيڪ نه ته اسين 14 مئي جو حڪم ڏئي چڪا آهيون.

سپريم ڪورٽ سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ هڪ ئي وقت ڪرائڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر 3 رڪني بينچ جو حصو آهن، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالتي ڪمري ۾ موجود هو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته بچاءَ واري وزارت جي رپورٽ ۾ عجيب و غريب آهي، ڇا بچاءُ واري وزارت گڏجي چونڊون ڪرائڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿي؟ دفاع واري وزارت جي درخواست ناقابل قبول آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ بچاءَ واري وزارت جون درخواستون فيصلو واپس وٺڻ جو ڪو به بنياد ناهي، اليڪشن ڪميشن اڳ چيو هو ته وسيلا ڏيندا ته اليڪشن ڪرائينداسين، هاڻي اليڪشن ڪميشن چوي ٿي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکڙجي ويندا، اليڪشن ڪميشن سمورو ڪيس ٻيهر کولڻ چاهي ٿي.

چيف جسٽس چيو ته ٽي وي تي ٻڌو ويو ته وزير به چون ٿا ته آڪٽوبر ۾ اليڪشن به مشڪل آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت انهن سان گڏ آهي، سياسي پارٽيون هڪ موقف تي اچن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي

عدالت سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي چيو ته سياسي ڳالهين تي اتفاق ٿيو ته ٺيڪ نه ته اسين 14 مئي جو حڪم ڏئي چڪا آهيون.

Read Previous

اداڪار ماڻهن جي تنقيد جو سڀ کان آسان هدف هجن ٿا: ماهره خان

Read Next

بچاءُ واري وزارت جي درخواست رد، حڪومت کي چونڊن لاءِ 27 اپريل تائين فنڊز ڏيڻ جو حڪم

Most Popular