بچاءُ واري وزارت جي درخواست رد، حڪومت کي چونڊن لاءِ 27 اپريل تائين فنڊز ڏيڻ جو حڪم

سپریم کورٹ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سموري ملڪ ۾ هڪ ئي تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ بچاءُ واري وزارت جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪندي 27 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي فنڊز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته سموريون سياسي پارٽيون هڪ موقف تي اچن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ بچاءَ واري وزارت جي سموري ملڪ ۾ چونڊون گڏ ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سموريون سياسي جماعتون پنهنجي نمائندن ذريعي موقف ڏين، جيڪڏهن سياسي جماعتون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت انهن سان گڏ آهي.

چيف جسٽس چيو ته نگران حڪومت 90 ڏينهن کان وڌيڪ برقرار رهڻ تي به سوال اٿي ٿو، 8 آڪٽوبر تي ضد نٿو ڪري سگهجي، هڪ طرفو ڪجهه نٿو ٿي سگهي، سياسي جماعتن کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

جسٽس منيب اختر چيو ته آئين ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ تي چونڊن جو وقت مقرر آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته برطانيا ۾ جنگ دوران وقت تي چونڊون ٿيون هيون، ان تي اٽارني جنرل چيو ته2001 کان سيڪيورٽي ادارا سرحدن تي مصروف آهن.

عدالت سڀني سياسي جماعتن کي سينيئر اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري طلب ڪري ورتو آهي، دفاع واري وزارت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه قرار ڏيندي حڪومت کي 27 اپريل تائين فنڊز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

Read Previous

سياسي پارٽيون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت ساڻن گڏ آهي: سپريم ڪورٽ

Read Next

چيف جسٽس ڪجهه وقت ڏئي، اسين به هڪ ڏينهن چونڊون چاهيون ٿا: آصف زرداري

Most Popular