ڏوڪري ڀرسان صحافي جي ڀاءُ کان ڦر واقعي خلاف قلم ڌڻين جو ڌرڻو

ڏوڪري (رپورٽ: محمد حسن جلباڻي) ڏوڪري ڀرسان سيهڙ جي سينيئر صَحافي فدا جوڻيجو جي ڀاءَ صدام جوڻيجو کان ڦر واري واقعي خلاف قلم ڌڻين جو راڌڻ لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

صَحافي فدا جوڻيجو جي ڀاءَ صدام جوڻيجو کان هڪ هفتو اڳ هٿياربند ڦورن پاران موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ واري واقعي خلاف لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف پريس ڪلبن جي صحافين ڏوڪري جي صحافين فريد قاضي، محسن رضا عالماڻي، قاضي سهيل، عمران منگي، شہاب جتوئي، صفي الله چنو، اطهر ميمڻ،لالا برڪت بلوچ ، منظور ميراڻي، جي ايم جهتيال، مقبول ڪانڌڙو، نثار احمد شيخ ،ڊي بي بلوچ، وحيد ڳاهو، نثار سرگاڻي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باقراڻي، ڏوڪري، موهن جو دڙو، باڊھ، راڌڻ جي صحافين احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي سينيئر صحافي لالا برڪت بلوچ ، منظور ميراڻي، فدا جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سيهڙ جي سينيئر صَحافي فدا جوڻيجو جي ڀاءَ کان ڦر واري واقعي کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، واقعي جي سخت لفظن سان مذمت ڪيون ٿا، فدا جوڻيجو اڪيلو ناهي پوري سنڌ صحافي فدا جوڻيجو سان گڏ آهي.

ھنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ ،ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران ۽ ٻين عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺي صحافي فدا جوڻيجو کان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

هوڏانهن سيھڙ ٿاڻي جي ايس ايچ او ممتاز علي سيال پاران صحافين سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڌياني ڪرائي ته مونکي هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي، ڪنهن به صورت ۾ صحافي فدا جوڻيجو جي ڀاءَ کان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي کين انصاف ڏياريو ويندو، جنهن بعد صحافين ايس ايڇ او سيهڙ جي پڪ ڏيارڻ تي احتجاج ختم پڻ ڪيو.

Read Previous

آئين ۾ سوموٽو جو لفظ ئي ناهي، 3/184 سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي: قاضي فائز عيسيٰ

Read Next

آئي سي جي نئين ٽي 20 رينڪنگ جاري، بابر ۽ رضوان پنهنجي پوزيشن تي برقرار

Most Popular