آئي سي جي نئين ٽي 20 رينڪنگ جاري، بابر ۽ رضوان پنهنجي پوزيشن تي برقرار

پاڪستان ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) نئين ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان پنهنجي پوزيشن تي موجود آهن.

ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو پهرين نمبر تي موجود آهن، جڏهن ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٽئين نمبر تي موجود آهن.

قومي ٽيم جو مڊل آرڊر بيٽر افتخار احمد رينڪنگ ۾ 10 درجا ترقي ڪرڻ کانپوءِ 44 نمبر نمبر تي پهتو آهي.

بولرز رينڪنگ ۾ شاهين شاهه آفريدي هڪ درجو ترقيءَ کانپوءِ 15هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته حارث رؤف ۽ ڪيوي بولر اش سوڍي 5 درجا ترقي کانپوءِ ترتيبوار11 ۽ 16 نمبر تي آهن.

قومي ٽيم جو اسپنر شاداب خان اسسٽل لسٽ ۾ 13 نمبر نمبر تي موجود آهي.

Read Previous

ڏوڪري ڀرسان صحافي جي ڀاءُ کان ڦر واقعي خلاف قلم ڌڻين جو ڌرڻو

Read Next

سلمان خان کي وري موت جي ڌمڪي، را;ي ساونت کي به وارننگ

Most Popular