پهرين نمبر تي اچڻ جو ڪريڊٽ سمورن رانديگرن کي وڃي ٿو: بابر اعظم

نيوزيلينڊ خلاف چوٿين ون ڊي ميچ ۾ شاندار سينچري ۽ 2 رڪارڊ قائم ڪندڙ بابر اعظم کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 102 رنسن تان شڪست ڏئي پاڪستاني ٽيم آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون ٽيم بڻجي وئي آهي.

بابر اعظم مين آف دي ميچ قرار ملڻ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نمبر ون رينڪنگ تي اچڻ تي الله جو شڪر گذار آهيان.

هن چيو ته نمبر ون رينڪنگ تي اچڻ جو ڪريڊٽ سمورن رانديگرن کي وڃي ٿو، سمورن رانديگرن پنهنجو ڪردار بهتر نموني ادا ڪيو، شاهين آخر ۾ بهترين بيٽنگ ڪئي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته سيريز ۾ سندس بينچ اسٽرينٿ کي آزمايو، جنهن جو مقصد ايندڙ ايونٽس آهن.

Read Previous

آءِ سي سي رينڪنگ ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي اچي ويو

Read Next

هن ڀيري ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ کٽينداسين: شاهين شاهه آفريدي

Most Popular