هن ڀيري ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ کٽينداسين: شاهين شاهه آفريدي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته انشاءَ الله هن ڀيري ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ کٽينداسين.

هڪ انٽرويو ۾ شاهين شاهه آفريدي چيو ته زخمي ٿيڻ ڪنهن به اسپورٽس ڪيريئر جو حصو هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن مشين به خراب ٿي ويندي آهي.

شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ هو ته انجريءَ ۾ گذاريل وقت ڏاڍو ڏکيو هو، انجريءَ دوران گهڻو ڪجهه سکيو، اميد آهي ته پاڪستان لاءِ پرفارمنس جو سلسلو جاري رکندس.

هن چيو ته هاڻي مان ڪافي فٽ محسوس ڪري رهيو آهيان، ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ٽنهي شعبن ۾ سٺي پرفارم ڪريان.

هن جو چوڻ آهي ته مان هميشه ڪوشش ڪندو آهيان ته ٽيم لاءِ پنهنجو بهترين ڏيان، چاهي اهو پهريون اوور هجي، ٻيو هجي يا آخري، منهنجو ڪم مخالف تي حملو ڪرڻ آهي، ورلڊ ڪپ کان اڳ ون ڊي ميچون اسان لاءِ اهم آهن، اميد ته ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين.

Read Previous

پهرين نمبر تي اچڻ جو ڪريڊٽ سمورن رانديگرن کي وڃي ٿو: بابر اعظم

Read Next

عاليا ڀٽ جو پنهنجي ڌيءَ راها کانسواءِ وقت ڪيئن گذاري ٿو؟

Most Popular