وڪيٽون جلد ڪري وڃڻ سبب هدف تائين پهچي نه سگهياسين: بابر اعظم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته ڪلين سوئپ جي ڪوشش ڪئي پر شروعاتي وڪيٽون جلد ڪرڻ سبب هدف حاصل نه ڪري سگهياسين.

ڪراچي ۾ کيڏيل سيريز جي آخري ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته سيريز تمام سٺي رهي، سٺي خبر به ملي آهي.

بابر اعظم چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ سڀ ميچون ميگا ايونٽ جي تيارين لاءِ سٺو موقعو هو.

هن چيو ته هن امام الحق جو ٽوئيٽ نه ڏٺو، ڏسندس ته هن ڇا ٽوئيٽ ڪيو آهي، مونکي نه ٻڌايو ويو ته ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان رهندس.

هڪ سوال جي جواب ۾ بابر اعظم چيو ته ڪنهن به ٽيم کي اهو ڏسي نه کيڏندا آهيون ته سينيئر رانديگر آيا آهن يا نه.

پاڪستاني ڪپتان چيو ته رضوان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو هو، ڪو به رانديگر ناهي جيڪو چوي ته هو ڪنهن خاص پوزيشن ۾ نه کيڏندو.

بابر اعظم وڌيڪ چيو ته هو رڪارڊ ٺاهڻ کانپوءِ آرام سان نه ويهندو آهي پر وڌيڪ محنت ڪندو آهي.

Read Previous

سجل علي ۽ احد رضا مير پاران هڪ ئي شادي ۾ شرڪت مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

Read Next

ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون وڃائڻ افسوس جوڳو آهي، شاداب خان

Most Popular