سجل علي ۽ احد رضا مير پاران هڪ ئي شادي ۾ شرڪت مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل دنيا جي مشهور ۽ خوبصورت اداڪارا سجل علي پاران اداڪار احد رضا مير سان گڏ هڪ شادي تقريب ۾ شرڪت جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.

فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي شوبز شخصيتن جي موجودگيءَ سان گڏ عالمي شهرت يافته مئنيجر حامد حسين جي پٽ جي شادي جي تقريب جون مختلف تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن.

وائرل ٿيل انهن تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره سجل علي پنهنجي ڀيڻ صبور علي، ڀاءُ علي ۽ ڀائٽي علي انصاري سميت شرڪت ڪئي، جڏهن ته اداڪار احد رضا مير به پنهنجي والدين ۽ ڀاءُ سان گڏ موجود هو.

ٻنهي خاندانن جي گڏ ڪا به تصوير سامهون ناهي آئي، جنهن کانپوءِ مداحن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙي وئي آهي.

Read Previous

وڏي وزير اداڪارا شبيران چنا جي علاج جي هدايت ڪري ڇڏي

Read Next

وڪيٽون جلد ڪري وڃڻ سبب هدف تائين پهچي نه سگهياسين: بابر اعظم

Most Popular