آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جوڙي وئي

وفاقي حڪومت آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جوڙي ڇڏي.

ڪميشن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هوندو، جڏهن ته بلوچستان ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس ڪميشن جا ميمبر هوندا.

ڪميشن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي آڊيو ليڪ جي جاچ ڪندي.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ وڪيل جي سپريم ڪورٽ جي بئنچ آڏو ڪيس مقرر ڪرڻ جي آڊيو ليگ جي به جاچ ٿيندي، ڪابينا ڊويزن جڊيشل ڪميشن جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 3 تحت ٺاهي وئي، ڪميشن عدليه سان لاڳاپيل آڊيو ليڪس جي انڪوائري ڪندي.

اهي آڊيو ليڪس سچيون آهن يا من گهڙت، ڪميشن 30 ڏينهن اندر جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ وفاقي حڪومت کي پيش ڪندي.

وڪيل ۽ صحافي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي آڊيو ليڪ جي به جاچ ڪئي ويندي، اڳوڻي چيف جسٽس ۽ وڪيل جي آڊيو ليڪ جي به جاچ ڪئي ويندي.

ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ناٺي جي عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ جي الزامن جي به آڊيو ليڪ جي جاچ ڪندي.

ڪميشن چيف جسٽس جي سس ۽ سندس دوست جي مبينا آڊيو ليڪ جي به جاچ ڪندي.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي چيف جسٽس سان ملاقات

Read Next

پي ٽي آءِ پاران ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم جي حمايت جو فيصلو

Most Popular