ڪجهه ڪاريون رڍون هاڪي فيڊريشن ۽ سرڪاري عملدارن کي گمراهه ڪن پيون، محمد ثقلين

پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد ثقلين چيو آهي ته ڪجهه ڪاريون رڍون آهن، جيڪي هاڪي فيڊريشن ۽ حڪومتي آفيسرن کي گمراهه ڪري رهيون آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد ثقلين چيو ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن جا مسئلا ۽ تڪرار گڏجي حل ڪرڻ گهرجن، ڪو به هڪ طرفو عمل نه ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته توهان وفاق جي عملدارن کي فون ڪريو، انهن جي ڳالهه ٻڌو ۽ قوم جي سامهون فيصلو ٻڌايو ته جيئن راند کي بهتر بڻائي سگهجي، هاڪي جي قومي راند سان اهڙو ورتاءُ نه ڪيو وڃي.

محمد ثقلين چيو ته پاڪستان هاڪي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هن وقت فنڊن جي ضرورت آهي، ڀارت هاڪي تي 3 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي، پوءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس ۾ ميڊل حاصل ڪيو.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته جيستائين سيڙپڪاري نه ٿيندي تيستائين نتيجا نه ملندا، هاڻ رانديگرن جي فزيڪل فٽنس تي تمام گهڻو خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن فزيڪل فٽنس سٺي هوندي ته توهان ڪنهن به سطح تي مقابلو ڪري سگهندا.

Read Previous

خواجه آصف کي هاڪي فيڊريشن بابت صحيح بريفنگ نه ڏني وئي، شهلا رضا

Read Next

پاڪستان کي ايشين رگبي ڊويزن ون جي ميزباني ملي وئي

Most Popular