خواجه آصف کي هاڪي فيڊريشن بابت صحيح بريفنگ نه ڏني وئي، شهلا رضا

پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي نائب صدر ۽ صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته خواجه آصف کي هاڪي فيڊريشن بابت صحيح بريفنگ نه ڏني وئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شهلا رضا چيو ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن جون باقاعده چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ڪو به غير قانوني ڪم ناهي ڪيو ويو.

هن چيو ته هو ٻيو ڀيرو پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو صدر چونڊيو ويو آهي، جيڪو آئين موجب آهي، هاڪي فيڊريشن پي ايڇ ايف جي آئين خلاف ڪو به ڪم ناهي ڪيو.

شهلا رضا چيو ته خوشي آهي ته حڪومتي حلقن ۾ هاڪي جي ڳالهه ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته خواجا آصف ٻه ڏينهن اڳ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ هاڪي فيڊريشن خلاف بيان ڏنو هو.

Read Previous

لاهور ۾ پوليس بابر اعظم کي روڪي ورتو

Read Next

ڪجهه ڪاريون رڍون هاڪي فيڊريشن ۽ سرڪاري عملدارن کي گمراهه ڪن پيون، محمد ثقلين

Most Popular