
روس 500 آمريڪين جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب اڳوڻو آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ آمريڪي صحافي به پابندي مڙهيل فهرست ۾ شامل آهن.
رپورٽن مطابق روس ڪيترن ئي آمريڪي سينيٽرن ۽ اڳوڻي آمريڪي سفير تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو متوقع چيئرمين به روسي پابندين جي لسٽ ۾ شامل آهي.
روس جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته واشنگٽن کي ڄاڻڻ گهرجي ته روس خلاف هر حملي جو سخت جواب ڏنو ويندو.