عرب ليگ جي اجلاس ۾ فلسطين جي مسئلي جي مرڪزيت کي ورجايو ويو

سعودي عرب جي شهر جده ۾ عرب ليگ جو 32 هون اجلاس پڄاڻي تي پهتو، گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطين جي مسئلي جي مرڪزيت کي ورجايو ويو ۽ سوڊان ۾ پرڏيهي مداخلت کي رد ڪيو ويو.

عرب ليگ جي اجلاس ۾ فلسطين، سوڊان، يمن، لبيا ۽ لبنان سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

شام هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي ۾ پهريون ڀيرو عرب ليگ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

سعودي ميڊيا موجب پڌرنامي ۾ يروشلم سميت 1967ع ۾ اسرائيل طرفان قبضو ڪيل سمورن عرب علائقن تي فلسطين جي مڪمل اختيار ۽ حق کي ورجايو ويو.

عرب امن جي شروعات کي چالو ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو.

Read Previous

روس 500 آمريڪين جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

آمريڪا پاران پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو

Most Popular