ايشيا ڪپ جي نئين هائبرڊ ماڊل ڀارت کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو

ايشيا ڪپ جي نئين هائبرڊ ماڊل ۽ 4 ملڪن جي موجودگي ڀارت کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ بابت پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جي سخت موقف ڀارت کي به سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

اي سي سي جي سربراهه ۽ ڀارتي بورڊ جي سيڪريٽري جئي شاهه لاءِ فيصلو مشڪل بڻجي ويو.

اي سي سي جي نائب صدر نجم سيٺي ملاقات ڪري جئي شاهه کي سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪيو.

ڀارت پاڪستان کي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت اچڻ جي شرط ڏئي سگهي ٿو ته هو هائبرڊ ماڊل تي راضي ٿي وڃي.

Read Previous

سمجهه نٿو اچي ته ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ بابت ايترو ضد ڇو پيو ڪري: شاهد آفريدي

Read Next

مان موسيقي جي ساڳي صنف ۾ رهڻ چاهيان ٿو، سجاد علي

Most Popular