سمجهه نٿو اچي ته ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ بابت ايترو ضد ڇو پيو ڪري: شاهد آفريدي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي ڀارت وڃڻ جي حوالي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.

خانگي ٽي وي تي ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايترو ضدي ڇو آهي ۽ ڇو چيو پيو وڃي ته ڀارت نه وينداسين.

هن چيو ته پي سي بي کي شيون واضح ڪرڻ گهرجن ۽ سمجهڻ گهرجي ته هي هڪ انٽرنيشنل ٽورنامينٽ آهي، جنهن کي مثبت انداز ۾ وٺڻ گهرجي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته اسان کي پنهنجي رانديگرن کي ٻڌائڻ گهرجي ته سڄي قوم اوهان جي پويان آهي، وڃو ۽ ٽرافي کٽيو.

هن اهو پڻ چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي فتح نه رڳو وڏي فتح هوندي پر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي منهن تي چماٽ به هوندي.

Read Previous

ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جو فيصلو شاهد آفريدي کي ناهي ڪرڻو، نجم سيٺي

Read Next

ايشيا ڪپ جي نئين هائبرڊ ماڊل ڀارت کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو

Most Popular