پاڪستان ۾ پهرين آن لائين ايئر ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل

ڪراچي: خانگي ڪمپني پاران پاڪستان جي پهرين ايئر ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون، اها سهولت پاڪستان ۾ اسڪائي ونگز ايوي ايشن پاران متعارف ڪرائي ويندي، جنهن جي بڪنگ آن لائن ٿيندي.

ڪمپني جي سربراهه عمران اسلم جو چوڻ هو ته ڊي اي 40 ڊائمنڊ سيريز جو ماڊل جهاز ليز تي ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ فضائي ٽورسورس لاءِ استعمال ٿيندڙ جهاز پاڪستان پهچي ويو. سنگل انجڻ واري جهاز ۾ هڪ وقت ۾ چار مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش هوندي.

هن چيو ته ايمرجنسي سروس ڪراچي کان سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن تائين فضائي دوري ذريعي فراهم ڪئي ويندي.

عمران اسلم خان موجب جهاز جرمني جو ٺهيل آهي، 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 2000 فوٽن جي اوچائي تي اڏامڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جهاز جي سروس حاصل ڪرڻ لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ويندي.

هن چيو ته هوائي ٽيڪسي ذريعي گوادر جو سفر صرف ٽن ڪلاڪن ۾ ممڪن ٿيندو

Read Previous

ڪجھ قدمن سان ليپ ٽاپ جي بيٽري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي

Read Next

ڪراچي ۾ پاڪستان زنده آباد موومينٽ پاران پاڪ فوج سان ايڪي جي اظهار لاءِ ريلي

Most Popular