ڪراچي ۾ پاڪستان زنده آباد موومينٽ پاران پاڪ فوج سان ايڪي جي اظهار لاءِ ريلي

ڪراچي جي دائود چورنگي واري علائقي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي پاڪستان زنده آباد موومينٽ ڪراچي ڊويزن جي چيئرمين اويس نديم، سينيئر وائيس چيئرمين مقصود انصاري، ڪراچي ايسٽ جي چيئرمين لالا اسد پيرزاده ۽ ٻين ڪئي.

پاڪ فوج جي حق ۾ نڪتل پاڪستان زنده آباد موومينٽ جي ريليءَ ۾ رينجرز ۽ پوليس آفيسرن سميت پي زيد ايم جي عهديدارن ۽ ڪراچي جي نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان زنده آباد موومينٽ جي چيئرمين اويس نديم، وائيس چيئرمين مقصود انصاري ۽ ڪراچي ايسٽ جي چيئرمين لالا اسد پيرزاده چيو ته هي ملڪ به اسانجو آهي ۽ ادارا به اسانجا آهن، اسان پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهيون.

هنن چيو ته پاڪستان زنده آباد موومينٽ هڪ نظرياتي ۽ غير سياسي تنظيم آهي، اسانجو منشور پاڪ فوج سميت سمورن سيڪيورٽي ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي.

اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سڄي قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ هميشه بيٺل رهندي، پاڪ فوج جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه برداشت جوڳي نه آهي.

ريليءَ دوران نوجوانن پاران پاڪستان زندهه آباد ۽ پاڪ فوج زندهه آباد جا نعرا پڻ هنيا ويا.

Read Previous

پاڪستان ۾ پهرين آن لائين ايئر ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل

Read Next

چوڌري وجاهت حسين جو پي ٽي آءِ ڇڏي ق ليگ ۾ واپسي جو اعلان

Most Popular