اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا

اسرائيلي فوج جي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فورسز فائرنگ ڪري وڌيڪ 3 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب فلسطين جي صحت واري وزارت چيو آهي ته نابلس ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب شهيدن جي سڃاڻپ 32 ورهين جي محمد ابو زيتون، 30 ورهين جي فاتي ابو رزق ۽ 24 ورهين جي عبدالله ابو حمدان طور ٿي آهي.

صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز نابلس جي ويسٽ بئنڪ واري علائقي تي حملو ڪري ڪيمپ ۾ موجود ڪيترن ئي گهرن کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فورسز جي فائرنگ سبب ڪيترائي فلسطيني زخمي پڻ ٿيا آهن.

Read Previous

ميوزڪ انڊسٽري ۾ 20 سال مڪمل ٿيڻ تي علي ظفر پاران ٻيهر”چل دل ميري“گانو پيش

Read Next

اسپيس ايڪس جو خانگي مشن انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن لاءِ روانو

Most Popular