ميوزڪ انڊسٽري ۾ 20 سال مڪمل ٿيڻ تي علي ظفر پاران ٻيهر”چل دل ميري“گانو پيش

ورسٽائل گلوڪار علي ظفر ميوزڪ انڊسٽري ۾ 20 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي ئي گاني ”چل دل ميري“ جو نئون ورزن پيش ڪري ڇڏيو آهي.

فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي نئين ميوزڪ وڊيو شيئر ڪندي ڳائڻي هڪ ڊگهي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ پنهنجي 2 ڏهاڪن واري ميوزڪ ڪيريئر جي ياد تازي ڪئي وئي.

ان سان گڏ هن پنهنجي پهرين البم ’هڪا پاني‘ جي مقبول ترين گاني چل دل ميري جو لو فائيو ورزن پڻ رليز ڪيو آهي، جنهن جي وڊيو ۾ سندس زندگيءَ جي يادگار لمحن ۽ يادگار ميوزڪ وڊيوز کي گڏ ڪيو ويو آهي.

هڪ ڊگهي پوسٽ ۾ علي ظفر ملڪ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري سياسي صورتحال سبب سالگرهه نه ملهائڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته لفظ مان ڏک جو اظهار نٿو ڪري سگهان، بهرحال ’چل دل ميري‘ منهنجي دل جي ويجهو آهي.

Read Previous

وهاج علي ڪهڙي اداڪارا سان وڏي اسڪرين تي ڊيبيو ڪندو؟

Read Next

اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا

Most Popular