بخشاپور ڀرسان پوليس موبائل تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 3 زخمي

بخشاپور ڀرسان ڌاڙيلن پوليس موبائل تي حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ بخشاپور ٿاڻي جو وڏو منشي مقصود بنگلاڻي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ادب حسين جکراڻي شهيد ٿي ويا.

حملي کانپوءِ ڌاڙيل فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس پهچي شهيد ٿيلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هٿياربندن پوليس پارٽي تي حملو ڪري ڳرن هٿيارن سان فائرنگ ڪئي.

Read Previous

اسپيس ايڪس جو خانگي مشن انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن لاءِ روانو

Read Next

حڪومت جي نه پر الله جي رضا لاءِ هتي ويٺا آهيون: چيف جسٽس

Most Popular