حڪومت جي نه پر الله جي رضا لاءِ هتي ويٺا آهيون: چيف جسٽس

Umar Atta bandyal

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته هو حڪومت لاءِ نه پر الله جي رضا لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي هتي ويٺا آهن.

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال اها ڳالهه سپريم ڪورٽ ۾ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي حڪم بابت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران پنهنجي ريمارڪس ۾ چئي.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به شامل آهن.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ روسٽرم تي اچي دليل ڏنا ۽ چيو ته گذريل ڏينهن عدالت جي ڪجهه ريمارڪس جو تاثر درست ناهي، ڪالهه عدالت ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن اڳ نقطا ڇو نه اٿاريا، ٻيو نقطو اِهو هو ته وفاقي حڪومت 4/3 چڪر ۾ رهي، هڪ صوبي ۾ چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊ متاثر ٿيڻ جو نقطو به اڳ اٿاريو ويو هو.

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪالهه اسان کي خوشي ٿي ته قانوني نقطا عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، توهان نه گهٻرايو.

چيف جسٽس چيو ته عدالت توهان کي ٻڌڻ لاءِ ويٺي آهي، جيڪڏهن ڪو معقول نقطو اٿاريو ته جائزو وٺنداسين ۽ فيصلو ڪنداسين، عدالت ۾ پهريان به قانوني نقطا اٿاريا ويا پر بحث نه ڪيو ويو، گذريل ڏينهن نظرثاني جي فيصلي تي بحث ٿيو، ماضي کي حڪومت خلاف استعمال نه ڪيو ويندو.

چيف جسٽس چيو ته ياد رکو ته اوهان جا جيڪي به عمل هئا، اهي اتي محدود هئا، حڪومت لاءِ نه، پر الله جي رضا لاءِ گهڻيون ئي قربانيون ڏئي هتي ويٺا آهيون.

چيف جسٽس ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ايڏي سخت ڳالهه نه ڪريو وڏي ايوان ۾، اسان الله لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ان ڪري ئي خاموش ويٺا آهيون، توهان جنهن اداري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيو اهو به پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن توهان کي صفائي ڪرڻ لاءِ چيو آهي ان کي به ٻڌايو ته عدالت نيت نيتي سان ويٺي آهي.

Read Previous

بخشاپور ڀرسان پوليس موبائل تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 3 زخمي

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular