اداڪارا ارمينا خان آخرڪار پنهنجي ڌيءَ جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو

مشهور پاڪستاني فلم بن روئي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ارمينا خان آخرڪار پنهنجي ڌيءَ جو منهن ڏيکاري ڇڏيو.

فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ڌيءَ جي پيدائش کان 6 مهينا پوءِ اداڪارا هڪ ميگزين کي ڏنل انٽرويو ذريعي پنهنجي ننڍڙي پري جو چهرو ڏيکاريو.

ميگزين طرفان شيئر ڪيل تصوير کي ٻيهر شيئر ڪندي هن پنهنجي ڌيءَ جو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايو ته اها تصوير ان وقت جي آهي جڏهن هوءَ ڪجهه ڏينهن جي هئي.

ياد رهي ته هن گذريل سال 25 ڊسمبر تي ڌيءَ جي پيدائش جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

سنڌ جي ٽن ڊويزنن ۾ 11هين ۽ 12هين جي امتحانن جي تاريخ جو اعلان

Read Next

ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين سير تفريح جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

Most Popular