سنڌ جي ٽن ڊويزنن ۾ 11هين ۽ 12هين جي امتحانن جي تاريخ جو اعلان

سنڌ جي 3 ڊويزنن ۾ 11هين ۽ 12هين ڪلاس جا امتحان 30 مئي کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

صوبائي وزير اسماعيل راهو ٻڌايو آهي ته 30 مئي کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ٻن شفٽن ۾ امتحان ورتا ويندا.

هن چيو ته 12هين ڪلاس جا امتحان سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ شروع ٿي ويا آهن.

اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته 11هين ۽ 12هين جي امتحانن ۾ 4 لک 89 هزار شاگرد شرڪت ڪندا، سمورن ڊويزنن ۾ 390 ويجيلنس ٽيمون ٺاهيون ويون آهن ۽ 700 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته ميٽرڪ جي امتحان ۾ 3 هزار 565 شاگرد ڌانڌلي ڪندا پڪڙيا ويا، امتحان دوران 2 هزار 600 موبائل فون ضبط ڪيا ويا.

هن جو چوڻ آهي ته 800 کان وڌيڪ شاگرد ڪاپي تبديل ڪندي پڪڙي ويا، ڪنهن ٻئي جي جاءِ تي امتحان ڏئي رهيا هئا.

Read Previous

جي ايڇ ڪيو حملو: پي ٽي آءِ عورت ونگ جي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي

Read Next

اداڪارا ارمينا خان آخرڪار پنهنجي ڌيءَ جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو

Most Popular