
ڀارتي ٽي وي انڊسٽري سان لاڳاپيل هڪ ٻيو اداڪار ۽ پروڊيوسر نتيش پانڊي به 51 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا ويڀاوي اپاڌيائي ۽ اديتا سنگهه راجپوت کانپوءِ 51 ورهين جو اداڪار نتيش پانڊي به حياتي وڃائي ويٺو.
گذريل رات دير سان ممبئي کان پري دل جو دورو پوڻ سبب اگت پوري ۾ موت واقع ٿيو، دورو ايترو ته شديد هو جو هو بچي نه سگهيو ۽ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
اداڪار جي موت جي تصديق سندس ويجهي مائٽ ۽ پروڊيوسر سدھارٿ نگر طرفان ڪئي وئي، جنهن چيو ته نتيش جون آخري رسمون اڄ شام تي ادا ڪيون وينديون.