ڀارت ۾ مخالف ڌر پارليامينٽ جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب مخالف ڌر چيو آهي ته مودي جو صدر کي پاسيرو ڪري نئين عمارت جو افتتاح جمهوريت جي توهين آهي.
مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته نريندر مودي پارليامينٽ مان جمهوريت کي ڪڍي ڇڏيو، نئين عمارت جي اهميت ناهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي وزيراعظم 28 مئي تي پارليامينٽ جي نئين عمارت جو افتتاح ڪندو.