آمريڪا جي ويزا پاليسي جي اعلان تي بنگلاديش جو بيان سامهون اچي ويو

بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت آمريڪي پرڏيهي وزير طرفان بنگلاديش ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ نئين ويزا پاليسي جي اعلان تي هڪ بيان جاري ڪيو.

بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ غير قانوني سرگرمين يا مداخلت کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، چونڊ عمل عالمي مبصرن جي موجودگي ۾ ٿيندو.

ملڪ جي اپوزيشن پارٽي به بنگلاديش لاءِ آمريڪا جي نئين ويزا پاليسي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته دنيا سمجهي رهي آهي ته حسينه واجد جي حڪومت ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون ممڪن ناهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ ايندڙ چونڊون جنوري 2024ع ۾ ٿينديون.

Read Previous

فلوريڊا جو گورنر رون ڊي سينٽس صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن اميدوار بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل

Read Next

ٽنڊي آدم ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ دوران 2 نوجوان واهه ۾ ٻڏي فوت

Most Popular