فلوريڊا جو گورنر رون ڊي سينٽس صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن اميدوار بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل

فلوريڊا جو گورنر رون ڊي سينٽس صدارتي اليڪشن ۾ ريپبلڪن اميدوار بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو. هو پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سميت ٻين ڪيترن ئي اميدوارن سان مقابلو ڪندو.

چاليهه ورهين جي ڊي سينٽس صدارتي چونڊن لاءِ پنهنجي اميدوار جو اعلان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيو، پر ٽوئيٽر جي سربراهه ايلون مسڪ سان آن لائن ڳالهه ٻولهه دوران سندس ڪنيڪشن ڪيترائي ڀيرا ڪٽجي ويو، جنهن ڪري ماڻهن لاءِ اهو سمجهڻ ناممڪن ٿي پيو ته صدر ٿيڻ جو خواهشمند اميدوار چوڻ ڇا پيو چاهي.

سينٽس چيو ته آمريڪا جو زوال اڻٽر نه آهي پر اهو آمريڪن جي هٿ ۾ آهي، عوام کي آمريڪا ۾ نئين زندگي لاءِ نئين رخ ۽ نئين رستي جي چونڊ ڪرڻي پوندي.

ڊي سينٽس فلوريڊا جو ٻيو ڀيرو گورنر بڻيو آهي ۽ کيس ڊونلڊ ٽرمپ جو ويزن به سمجهيو وڃي ٿو.

Read Previous

آمريڪا بنگلاديش لاءِ ويزا پاليسي کي جمهوري قدرن سان ڳنڍي ڇڏيو

Read Next

آمريڪا جي ويزا پاليسي جي اعلان تي بنگلاديش جو بيان سامهون اچي ويو

Most Popular