بالي ووڊ اداڪارا گوهر خان جنم ڏيڻ کانپوءِ 10 ڏينهن ۾ 10 ڪلو وزن گهٽ ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس سيزن 7 جي فاتح 39 سالن جي گوهر خان تازو ئي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ ڪهاڻي شيئر ڪئي.
ان ڪهاڻي ۾ گوهر خان پنهنجي آئيني سيلفي شيئر ڪندي پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته هن 10 ڏينهن ۾ 10 ڪلو وزن گهٽايو آهي، هاڻي صرف 6 ڪلو وزن گهٽ ڪرڻ باقي آهي.