گهر مان ڌاڙو، بيواهه ۽ سندس معصوم ٻارڙو قتل

ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل جوابدارن هڪ بيواهه عورت کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي حد قائد آباد گوشت گهٽي ۾ اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ موجود بيواهه عورت کي تيز رفتار اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عورت جي 2 ورهين جي ٻارڙي کي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻوڙي ڇڏيو.

عورت جو مڙس ساجد فوت ٿي ويو هو ۽ هوءَ عدت ۾ گهر ۾ هئي، مقتولا جي مڙس جي فوت ٿيڻ کان پوءِ هوءَ گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي.

عورت جي ڀائٽي حماد ٻڌايو ته شام جي وقت جڏهن اسان چاچي جي گهر جو چڪر لڳايو ته گهر جو دروازو بند نه هو پر ڪمري جو دروازو اندران بند هو.

Read Previous

ٽي 20 بلاسٽ ۾ تمام سٺا رانديگر آهن، شاهين شاهه آفريدي

Read Next

گوهر خان 10 ڏينهن ۾ 10 ڪلو وزن گھٽائي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

Most Popular