5 هفتا اڳ ماءُ بڻجندڙ سوئمر جي ڀيڻ سان نيشنل گيمز ۾ شرڪت

11 سالن جي عمر ۾ نيشنل گيمز ۾ 7 گولڊ ميڊلز سميت 12 ميڊل کٽيندڙ سوئمر ڪرن خان هاڻي ماءُ بڻجڻ کانپوءِ نيشنل گيمز ۾ ننڍڙن سوئمرن سان مقابلو ڪري رهي آهي.

ڪرن خان پنج هفتا اڳ ٻيو ڀيرو ماءُ بڻجي وئي ۽ هن جو چوڻ آهي ته هوءَ سوئمنگ ۾ تاريخ ٺاهڻ چاهي ٿي ته جيئن وڌيڪ ڇوڪريون راندين ڏانهن اچن ۽ ماءُ بڻجڻ کان پوءِ به هن راند کي جاري رکي.

لاهور ۾ نيشنل گيمز جا سوئمنگ مقابلا نشتر پارڪ اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ شروع ٿي ويا آهن.

اولمپئن ڪرن خان ڀيڻ بسمه خان سان گڏ پاڪستان آرمي جي نمائندگي ڪري رهي آهي. ڪرن خان 50 ميٽر بٽر فلائي ۾ سلور ميڊل کٽي ورتو.

Read Previous

گهر وارا شاديءَ خلاف هئا، ٽڪ ٽاڪر مديحا جو انڪشاف

Read Next

ميهڙ ۾ عدالت ۾ پيشيءَ تي آندل ٽَي قيدي جوابدارن پاران پلاند ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي قتل

Most Popular