ميهڙ ۾ عدالت ۾ پيشيءَ تي آندل ٽَي قيدي جوابدارن پاران پلاند ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي قتل

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) ميهڙ عدالت ۾ جوابدارن پلاند ۾ حملو ڪري ٽن قيدين کي ڊوڙائي ڊوڙائي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

عدالت اندر جوابدارن حملو ڪري پلاند ۾ فائرنگ ڪئي، 3 قيدي زاھد کونهارو، سندس ڀاءُ محبوب ۽ سئوٽ عبدالستار کونھارو قتل ٿي ويا.

پوليس اھلڪار مظھر زنئور زخمي ٿي پيو، فائرنگ سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، عدالتي عملي به ڀڄي جان بچائي.

حملو ڪندڙ 3 جوابدارن اشرف، عبدالستار ۽ ضمير کونھارو گرفتاري ڏئي ڇڏي، جن کي پوليس حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو.

ايس ايس پي دادو عبدالخالق پيرزادو عدالت پهچي معائنو ڪيو، ميهڙ بار سڀاڻي عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

Read Previous

5 هفتا اڳ ماءُ بڻجندڙ سوئمر جي ڀيڻ سان نيشنل گيمز ۾ شرڪت

Read Next

سيوهڻ: نورين مهر قتل ڪيس جا ٻئي جوابدار وڌيڪ ٽن ڏينهن لاءِ ڀان پوليس حوالي

Most Popular