سيوهڻ: نورين مهر قتل ڪيس جا ٻئي جوابدار وڌيڪ ٽن ڏينهن لاءِ ڀان پوليس حوالي

سيوهڻ عدالت نورين مهر قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن کي ٻيهر ٽن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ڀان سيدآباد پوليس پرائمري ٽيچر نورين فاطمه عرف نورعين مهر جي قتل ڪيس جي ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

جوابدارن محسن مهر ۽ چاچي جمن خان مهر جي وڪيل اشفاق احمد سولنگي کين جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جي استدعا ڪئي.

عدالت وڪيل جي استدعا رد ڪندي جوابدارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽن ڏينهن لاءِ ڀان سيد آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

Read Previous

ميهڙ ۾ عدالت ۾ پيشيءَ تي آندل ٽَي قيدي جوابدارن پاران پلاند ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي قتل

Read Next

مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ: جڊيشل ڪميشن ڪارروائي روڪي ڇڏي

Most Popular