ڀارت ۾ علامه اقبال تي مضمون نصاب مان ڪڍيو ويو

ڀارت جي دهلي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل پاڪستان جي قومي شاعر علامه محمد اقبال سان لاڳاپيل مضمون کي نصاب مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مشهور قومي گيت ”ساري جهان سي اڇا هندستان همارا“ لکڻ واري ۽ پاڪستان جي نظريي جي خالق علامه محمد اقبال تي لکيل مضمون کي هٽايو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب علامه اقبال تي مقالو بي اي جي ڇهين سيمسٽر ۾ ”ماڊرن انڊين پوليٽيڪل ٿاٽ“ جي عنوان سان چيپٽر جو حصو آهي.

دهلي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي آفيسرن نصاب مان مضمون خارج ڪرڻ جو متفقه ٺهراءُ پاس ڪندي چيو ته اهو معاملو هاڻي يونيورسٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل آڏو پيش ڪيو ويندو، جيڪا حتمي فيصلو ڪندي.

Read Previous

پي ٽي آءِ جي 9 اڳواڻن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ رد

Read Next

ترڪي ۾ صدارتي چونڊن جو ٻيو مرحلو سڀاڻي ٿيندو

Most Popular