هارون رشيد کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي اضافي چارج به ڏني وئي

اڳوڻو ٽيسٽ بيٽسمين هارون رشيد هن وقت پي سي بي جي سگهاري شخص ۽ چيئرمين نجم سيٺي جو سڀ کان وڌيڪ اعتماد وارو آفيسر آهي.

ذريعن موجب هارون رشيد کي پي سي بي ۾ نئين تبديلين ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي اضافي چارج به ڏني وئي آهي.

هو ان کان اڳ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو ميمبر ۽ چيف سليڪٽر هو، کيس نديم خان جي جاءِ تي اها چارج ڏني وئي آهي.

هارون رشيد ماضي ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي، نئون نظام متعارف ڪرائڻ بعد احسان ماني ۽ وسيم خان کي برطرف ڪيو ويو.

هارون رشيد به ان ٽيم جو حصو هو جنهن پي سي بي جو اڳوڻو نظام ٺاهيو هو، نجم سيٺي جي چيئرمين ٿيڻ بعد نديم خان کي نوڪري تان هٽايو ويو.

نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر کي نيشنل اڪيڊمي ۾ تبديل ڪيو ويو، ايزد سيد کي نيشنل اڪيڊمي جي چارج ڏني وئي.

Read Previous

گوگل اڪائونٽ لاءِ پاسورڊ کان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو؟

Read Next

پاڪستان جو عالمي سنوڪر رانديگر محمد بلال لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular