پاڪستان جو عالمي سنوڪر رانديگر محمد بلال لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان جو عالمي سنوڪر رانديگر محمد بلال 38 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

محمد بلال دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو، سندس جنازي نماز اڄ ٻپهريءَ جي نماز بعد منڊي بهاءُ الدين ۾ ادا ڪئي وئي.

محمد بلال 2018ع ۾ ايشين 10 بال سنوڪر چيمپيئن شپ کٽي ۽ 2018ع جي ايشين 6 ريڊ بال چيمپئن شپ ۾ رنر اپ رهيو.

بلال 2019 ۾ اسجد اقبال سان گڏ ورلڊ ٽيم چيمپيئن شپ کٽي، 2016 ۽ 2019 ۾ نيشنل سنوڪر چيمپيئن شپ پڻ کٽي.

Read Previous

هارون رشيد کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي اضافي چارج به ڏني وئي

Read Next

نيشنل گيمز ۾ پاڪستان آرمي گولڊ ۽ سلور ميڊل کٽي ورتو

Most Popular