عفت عمر پنهنجي ڌيءَ جي گريجوئيشن تي خانداني تصويرون شيئر ڪيون

پاڪستان جي مشهور سينيئر اداڪارا ۽ ميزبان عفت عمر سوشل ميڊيا تي فيملي جون تصويرون شيئر ڪيون آهن، جيڪي وائرل ٿي ويون آهن.

اداڪارا عفت عمر جي ڌيءَ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي، ان موقعي تي عفت عمر پنهنجي ڌيءَ نورجهان ۽ مڙس سان گڏ تصويرون پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيون آهن.

انهن خوبصورت تصويرن ۾ عفت عمر کي پنهنجي ڌيءَ ۽ مڙس سان خوش مزاج ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

نيويارڪ ۾ عفت عمر جي هڪ تصوير ۾ کيس ۽ سندس مڙس کي قابل فخر والدين قرار ڏنو ويو آهي.

عفت عمر تنقيدي تبصرن کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ ۽ مڙس سان شيئر ڪيل تصوير جي ڪمنٽ سيڪشن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

راحت فتح علي خان پاران ”اي وطن ڪي سجيلي جوانو“ ڳائي پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

Read Next

عمران اسماعيل جو تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان

Most Popular