عمران اسماعيل جو تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان

سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته اڄ سندس آخري سياسي پريس ڪانفرنس آهي.

هن چيو ته مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻن مان هڪ آهيان، مون جڏهن عمران خان جي حمايت جو فيصلو ڪيو ته ان وقت مون هڪ خوشحال پاڪستان جو خواب ڏٺو هو.

عمران اسماعيل چيو ته 9 مئي جي واقعن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، ان جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي.

هن چيو ته هن واقعي کانپوءِ پنج ڇهه ڏينهن گهڻو سوچيو. لڪندو رهيس پر پڪڙجي پيس، مون کي ڪيس ۾ شامل نه ڪيو ويو.

عمران اسماعيل چيو ته منهنجي خلاف ڪو به ڪيس ناهي، اڄ آزاد شهري جي حيثيت سان پاڪستان تحريڪ انصاف جا سمورا عهدا ڇڏي رهيو آهيان.

هن چيو ته مان پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڇڏي رهيو آهيان، پر حتمي طور تي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ته سياست ٿيندي يا نه.

عمران اسماعيل چيو ته ماڻهن وڌيڪ عزت ڏني، مان سندن ٿورائتو آهيان، هن موقعي تي مان عمران خان کي خدا حافظ، تحريڪ انصاف کي الله حافظ چوان ٿو.

Read Previous

عفت عمر پنهنجي ڌيءَ جي گريجوئيشن تي خانداني تصويرون شيئر ڪيون

Read Next

ڪراچي جي آبادي ۾ 6 سالن دوران 3.1 ملين ماڻهن جو اضافو

Most Popular