هانيه عامر ۽ وهاج علي جو دل کي ڇهندڙ نئون فوٽو شوٽ

پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي سڀ کان مشهور آن اسڪرين جوڙي هانيا عامر ۽ وهاج علي جو نئون فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.

پاڪستان جي فيشن انڊسٽري ۾ مشهور ڊرامن جي هٽ جوڙي جو فوٽو سيشن ڪرائڻ هڪ روايت بڻجي وئي آهي.

هاڻ ڊرامي سيريل ”مجهي پيار هوا ٿا“ جي مرڪزي ڪردارن هانيا عامر ۽ وهاج علي جو فوٽو سيشن ڪرايو ويو آهي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.

جيو انٽرٽينمينٽ جي ڊرامي سيريل ”تيري بن“ سان شهرت جي نئين بلندين تي پهچندڙ اداڪار وهاج علي جي جوڙي يمنا زيدي ۽ هانيا عامر سان به پسند ڪئي پئي وڃي.

هاڻ آن ڪئميرا ڪيمسٽري ۾ 100 سيڪڙو اسڪور ڪندڙ ان جوڙي جي فوٽو سيشن به مداحن جو ڌيان ڇڪايو آهي ۽ مداحن جي دلين تي قبضو ڪري ورتو آهي.

اهي خوبصورت تصويرون هانيا عامر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي شيئر ڪيون آهن، جنهن جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو آهي ته هي فوٽو شوٽ، رنگ ۽ هي لباس هڪ خواب وانگر محسوس ٿي رهيو آهي.

Read Previous

زائرا وسيم برقعو پهري شاديءَ ۾ کاڌو کائڻ واري عورت جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي

Read Next

ابرار الحق ٽرولنگ بعد ن ليگ جي حامين تي ڪاوڙجي پيو

Most Popular