پاڪستان شاهينز مٿان بال ٽيمپرنگ تي ڏنڊ لاڳو

زمبابوي جي دوري تي پاڪستان شاهينز تي بال ٽيمپرنگ جي الزام ۾ 5 رنسن جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

پاڪستان شاهينز ۽ زمبابوي سليڪٽس وچ ۾ ڇهين ون ڊي ميچ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بال ٽيمپرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.

امپائر پاڪستان شاهينز کي بال جي ڍانچي کي ٽوڙڻ تي سزا ڏني، زمبابوي سليڪٽس جي ميچ ۾ پاڪستان شاهين جي بالرن اننگ دوران بال ٽيمپرنگ ڪئي.

امپائر ايڪنو چابي بال ٽيمپرنگ جي الزام ۾ زمبابوي سليڪٽر کي 5 رنسن جو انعام ڏنو.

آءِ سي سي قانون تحت الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ امپائر بال جي تبديلي ۽ 5 رنسن جي سزا ٻڌائي ٿو.

پي سي بي بال ٽيمپرنگ واقعي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان شاهينز جي انتظاميا به سزا خلاف اپيل ناهي ڪئي.

Read Previous

سڀ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا: شاهد آفريدي

Read Next

نيشنل گيمز ۾ آرمي پهرين پوزيشن تي برقرار

Most Popular