سڀ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا: شاهد آفريدي

اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شاهد آفريدي چيو آهي ته سڀ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا.

ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شاهد آفريدي چيو آهي ته هو پنهنجي بيٽنگ وانگر گهڻو وقت نه وٺندو، اسان هن ملڪ لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.

هن چيو ته اسان جي فوج جون قربانيون بي مثال آهن، هو شهيدن جي خاندانن کي سلام پيش ڪري ٿو.

تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر اداڪارا بشرا انصاري چيو ته شهيد جو موت قوم جي حيات آهي.

بشرا انصاري جو چوڻ آهي ته اسان شهيدن جو قرض ڪڏهن به ادا نه ڪري سگهيا آهيون ۽ نه ڪڏهن ادا ڪنداسين.

Read Previous

محمد عامر جي نظر ۾ پاڪستان جا ٽاپ 5 بالر ڪهڙا آهن؟

Read Next

پاڪستان شاهينز مٿان بال ٽيمپرنگ تي ڏنڊ لاڳو

Most Popular